ڏات جي ڏيهه ۾

ڏات جي ڏيهه ۾

ڏات جي ڏيهه ۾

ڏات جي ڏيهه ۾ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامور شاعر راشد مورائيءَ بابت سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي ويچارن تي مشتمل آهي، جنهن کي رزاق مستوئيءَ سهيڙيو آهي. هن ڪتاب ۾ راشد مورائيءَ جي فن، فڪر ۽ شخصيت متعلق سنڌ جي ناليوارن اديبن، شاعرن ۽ محققن ۾: استاد بخاري، نواز رڪڻائي، مير محمد پيرزادي، نصير سارنگ ۽ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سميت ڪل 23 اديبن ۽ شاعرن جا مضمون شامل آهن. ڪتاب ۾ درج مضمونن ۾ راشد مورائيءَ جي ادبير خدمتن تي خراج پيش ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي نامياري اديب تاج جويي جون سٽون ۽ راشد مورائيءَ جي تقرير جو ٽڪر ڏنل آهي. چار رنگي ٽائيٽل سان 119 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 80 روپيا آهي. ڪتاب مارئي اڪيڊمي، ڀٽائي ٽائون، حيدرآباد سال 2001ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


لفظ ڏات جي ڏيهه ۾ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو